ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موسمي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ هن ڀيري اپريل ??ان ئي برساتون شروع ٿي ويون آهن، امير ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي ??حران جو خميازو غريب قومون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هن وقت بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن جي ندي نالن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، گذريل ??وماسي دوران ٿيندڙ رڪارڊ برساتن جي متاثرين جو اڄ به هڪ وڏو انگ مدد جي لاءِ منتظر آهي. هن چيو ته گذريل غيرمعمولي برساتن دوران ٻڏي ويندڙ لکين گهرن ۽ ان??راسٽرڪچر جي نئين سر بحالي جو ڪم اڃا به مڪمل ناهي ٿيو. پر??يهي وزير زور ڏنو ته اين ڊي ايم اي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ عملدار برساتن جي ڏس ۾ هر وقت چوڪس رهن. هن عوام کي اپيل ??ئي ته اهي برساتن دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر مصيبت کان بچائي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن جي لاءِ پڻ هدايت جاري ڪندي چيو ته جيالا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ امدادي ڪمن جي حوالي سان انتظاميا سان رابطي ۾ رهن. هن بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برساتن دوران حادثن ۾ قيمتي ??انين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس ۽ ان??ن حادثن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.