اسلام آباد – 09 ?? جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پاور ڊويزن جي 37 جاري ۽ 7 نئين اسڪيمن جي لاءِ مجموعي طور تي 31911.387 ملين رپين جا فنڊز رکيا ويا آه??. پي ايس ڊي پي دستاويز موجب 37 جاري اسڪيمن جي لاءِ مجموعي طور تي 26579.387 ملين رپيا جڏهن ته نئين اسڪيمن جي لاءِ 5341 ملين رپيا رکيا ويا آه??. 37 جاري سڪيمن مان رڳو هڪ اسڪيم ڪول فائرڊ پاور پراجيڪٽ جنڪو – 1 ڄامشورو جنهن جي لاءِ مجموعي طور تي 12000 ملين رپيا رکيا ويا آه?? جنهن ۾ غيرملڪي 3000 ملين جي امداد شامل آه?? جنهن کي اينڪ 2014ع ۾ منظور ڪيو هو. انهن مان 36 جاري اسڪيمن جڏهن ته نئين اسڪيمن ۾ ڪنهن به قسم جي غيرملڪي امداد شامل نه آه??.