اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي واپارجي ل??ءِ 5 ارب ڊالر جو هدف مقرر ڪندي تعاون کي وڌائڻ جي ل??ءِ 5 سالا واپاري تعاون جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 5 سالا واپاري تعاون جي منصوبي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ ايندر رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، آزاداڻي واپار جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايران سان ڀائراڻا ۽ تاريخي ل??ڳاپا آهن، ايران سان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، ايراني هم منصب سان مختلف معاملن تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معيشت، توانائي ۽ آ??ٽ ۾ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ ڪيتريون ??ي تجويزون غور هيٺ آهن، اسان 2023ع کان 2028ع تائين جي ل??ءِ گڏيل واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏني آهي، معاهدي سان گڏيل واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته اڄ جيڪي اسان قدم کڻي رهيا آهيون اُهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ ڊگهي مدي واري پائيدار اقتصادي حصيداري جي ل??ءِ حڪمت عملي طئي ڪندا. هن چيو ته ملاقات دوران انهن هن سال جي آخر تائين باقي 5 سرحدي منڊين کي فعال بڻائڻ کي ترجيح ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران موجوده معاهدن موجب سزا ماڻيندڙ سمورن قيدين کي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ايران ۾ قيد مُهاڻن کي آزاد ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عملدارن پاران انهن جي سامونڊي جهازن جي واپسي تي هنيل ڏنڊ معاف ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ڌريون ان مفاهمت کي تيزي سان عملي جامعو پارائڻ جي ل??ءِ قيدين جي فهرست جي مٽاسٽا ڪنديون. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ڪشميري عوام جي جائز مقصد جي مضبوط ۽ مستقل حمايت تي ايراني قيادت جا ٿورا مڃيا. افغانست??ن جي صورتحال بابت ڌرين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ جي ل??ءِ پنهنجو فعال تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان درپيش چئلينجز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي خاتمي جي ل??ءِ پنهنجو تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سان سڄي يورپ ۾ اسلامو فوبڪ ڪاررواين ۽ واقعن جو هڪ سلسلو جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن اهو طئي ڪيو آهي ته هڪ ٻئي سان قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته اس??ن جي سرحد تي امن ۽ سلامتي واري صورتحال قائم رهي. ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهان ان موقعي تي معيشت، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهن. حسين امير عبداللهيان چيو ته ٻئي ملڪ مُهاڻن جي آزادي ۽ انهن جي جهازن جي واپسي جي ل??ءِ فوري قدم کڻندا. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان ايران گئس پائيپ لائين جي مڪمل ٿيڻ تي زور ڏيندي چيو ته اهو منصوبو يقيني طور تي ٻنهي ملڪن جي قومي مفادن کي پورو ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته گئس پائيپ لائين منصوبو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ وڌيڪ سگهه چاهيون ٿا. هن چيو ته بارڊر تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ سان واپار ۾ آساني ٿي رهي آهي. ايراني پرڏيهي وزير باجوڙ ۾ تازي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ پاڪست??ن جي عوام ۽ حڪومت ۽ ڏکويل خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به صورتحال جو اثر پاڙيسري ملڪن پاڪستان ۽ ايران تي پوندو تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ اها مذهبي ۽ انساني ذميواري ه??ي ته هو افغانست??ن جي ماڻهن جي مدد ڪري. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي موجودگي ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.