اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيني صدر ??ي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽر ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ کي پاڪست??ن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي هلال پاڪست??ن جي اعزاز سان نوازيو. چين جي نائب وزيراعظم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر ??سلام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هلال پاڪست??ن جو اعزاز عطا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سر??را??ن، چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ سان گڏ پاڪست??ن جي دوري تي آيل وفد جي ميمب??ن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيني نائب وزيراعظم کي هلال پاڪست??ن جو اعزاز ڏيڻ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ چين جو نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان ۾ چيني ناظم الامور پڻ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ايوان صدر ??چڻ تي چين جي نائب وزيراعظم جو انتهائي شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪست??ن جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن اسلام آباد پهچڻو هو.