اسلام آ??اد – 06 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حمزه شهباز ڊرامو بند ڪندي عورتن ۽ ٻارن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ بدران قانون جو ا??ترام ڪندي گرفتاري ڏئي ڇڏي، 10 سالن ۾ 60 ارب ڊالر قرض جو هڪ وڏو ڪاٿو شريف ۽ زرداري خاندان جي کيسن ۾ هليو ويو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪالهه کان لاهور ۾ هڪ ڊرامو هلي رهيو آهي جنهن جو مرڪزي ڪردار حمزه شهباز شريف آهي، شريف ۽ زرداري خاندان سدائين قانون جو ا??تعمال پنهنجي مرضي ۽ سهولت موجب ڪيو آهي، انهن جي نظر ۾ قانون اهو آهي جيڪو رڳو انهن کي سهولت ڏي ۽ اها انهن جي معصوم خواهش آهي ته قوم جو جيڪو پئسو انهن جي کيسن ۾ پيل آهي ڪير انهن کان اهو ??ه پڇندو ته اهو ??ئسو ڪٿان آيو آهي.