اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? وزيراعظم عمران خان ايگزيڪيٽو اختيار هُجڻ باوجود ٻه اهم قومي معاملا پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيا آهن، قومي ??لامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان جي ذميداري آهي، حڪومت س??ن گڏوگڏ مخالف ڌر به قومي ??لامتي جي ايتري ئي ضامن آهي، اميد آهي ت?? پارليامينٽ اتفاق راءِ سان آئيني مسئلي جو مستقل حل ڪري ڇڏيندي، پاڙيسري ملڪ ۾ آرمي چيف جي ت??سيع لاءِ صرف دفاع واري وزير پنهنجا اختيار استعمال ڪيا آهن اتي ان معاملي ت?? ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو?? هو براق هاءِ ٽيڪ سروسز جاري ڪرڻ جي ت??ريب کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قومي ??لامتي جي ادارن جي حوالي سان اسان سڀني جو ڪردار ذميداراڻو هجڻ گهرجي، قومي ??لامتي، استحڪام، وقار ۽ تشخص جو تحفظ اولين ترجيح ۽ ذميداري آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجا ايگزيڪيٽو اختيار هجڻ جي باوجود ٻن اهم قومي معاملن جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪيو آهي.