اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي معاملي جي انڪوائري وزيراعظم جي حڪم تي شروع ٿي، هن پاڪستان جي عوام کان حقيقتون نه لڪائڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، قوم جي صحت جي پئسن تي هٿ صاف ڪندڙن جي پنهنجي صحت بهترين آهي. خاص مددگار ??اڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ شاهد خاقان عب??سي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو ته هن وقت قومي اتحاد کي چڪنا چور ڪندڙ پاڪستان جي عوام جو دوست نه ٿو ٿي سگهي، مخ??لف ڌر اڳواڻ ۽ شاهد خاقان عب??سي پنهنجي ڪرونا زده سوچ جو اظهار وائرس جي خلاف جنگ دوران نه ڪن ته بهتر ٿيندو.