اسلام آباد – 13 اپريل (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ تعاون ۽ تجو??زن حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن ص??بن ??ي گورنرن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سان مشاورتي وڊيو ڪانفرنس منعقد ڪئي. سمورن ص??بائي گورنرن ان موقعي تي پنهنجي پنهنجي راءِ پيش ڪئي ۽ صدر کي ڪورونا جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏني، هن ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو، صوبائي گورنرن ۽ صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير وفاقي حڪومت طرفان ص??بن کي طبي سامان جي فراهمي، احساس پروگرام تحت مالي مدد جي فراهمي سميت ملڪ ۾ تعاون جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو.