اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو پيو وڃي. ٽائيگر فورس ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ت??ار آهي. ملڪ ۾ پهريون ڀ??رو وڻڪاري مهم جي لاءِ جديد ٽڪينالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس ايپليڪيشن ۾ گرين سيلفي فيچر جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايپليڪيشن ۾ جيو ٽيڪنگ جي خصوصي سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ايپليڪيشن ذريعي لڳ??يل ٻوٽن جي لائيو لوڪيشن ۽ انگ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ٻوٽا لڳائيندڙ رضاڪار ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي گرين سيلفي اپ لوڊ ڪري سگهندا. نوجوانن ايپليڪيشن جو استعمال ڪندي ڪجهه ڪلاڪن دوران 16 هزار ٻوٽا لڳايا. خصوصي ايپليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي تعاون سان ت??ار ڪئي وئي. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ??ار چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀ??رو ڊيجيٽل وڻڪاري مهم شروع ٿي آهي، ڪراچي کان خيبر تائين لڳ??يل هڪ هڪ ٻوٽي جو لائيو رڪارڊ ستياب هوندو، اڪثر مخالف ڌر ميمبرن کي بوٽا ڳڻڻ جو شوق رهي ٿو، هن چيو ته مخالف ڌر ميمبر ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري گهر ويٺي ٻوٽو لڳائي سگهندا، چاهين ته تجربي طور پنهنجي گهر ۾ ٻوٽو لڳا??ي لائيو اپ ڊيٽ ڏسي وٺن.