اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) بين الپار??يا??اني يونين جي صدر گيبريلا ڪيووس بي??ن پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي وئي آهي، سينيٽ سيڪريٽ پاران جاري بي??ن موجب سينيٽر مرزا مح??د آفريدي ۽ سينيٽ جي اعل??ٰ عملدارن آءِ پي يو جي صدر کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته مون کي پاڪستان اچي وڏي خوشي ٿي، آئون پاڪستاني ثقافت ۽ مهمانوازي جون يادون کڻي وڃي رهي آهيان، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، گوادر، لاهور، مري ۽ ٻيا هنڌ پنهنجي تاريخي اهميت رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان آءِ پي يو جو هڪ فعال ميمبر آهي ۽ هو اميد ڪري ٿي ته پاڪستان آءِ پي يو جي پليٽ فارم تي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.