اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد گڏيل روايتن، مذهبي قدرن ۽ سماجي هڪجهڙائي تي ٻڌل آهي، پارلياماني سطح تي وفدن جي مٽا??ٽا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. متحده عرب امارات پاڪستان ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده عرب امارات جي سفير حامد عبيدالزابي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽ ??يئرمين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي خاطر رابطن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي خاطر رابطن جي فروغ تي زور ڏنو. سينيٽ ??يئرمين چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد گڏيل روايتن، مذهبي قدرن ۽ سماجي هڪجهڙائي تي آهي. پارلياماني سطح جي وفدن جي مٽا??ٽا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.