اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستان ڪلين انرجي طرف گامزن آهي، 2030ع تائين مجموعي توانائي جي 60 سيڪڙو ذريعن کي ڪلين انرجي ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي بجلي تي منتقل ڪرڻ جو هدف آهي، پاڪست??ن ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلين تي پيرس معاهدي جي پنجين سالگرهه تي عالمي ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستان جو ماحولياتي آلودگي ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي ??ڏهن ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ??ه پاڪست??ن ماحولياتي آلودگي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي??دڙ پنجون ملڪ آهي.