اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪاب??نا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهوٽڪي ريل حادثي جي شهيدن ۽ ڪينيڊا ۾ قتل ٿيل پاڪستاين لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وزير ۽ پارلياماني معامن واري صلاحڪار اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان هيستائين ??ي اڳڀرائي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽجڪس بابت ڪابينا ??ميٽي پاران ڪابينا ??ي ابتڊائي رپورٽ پيش ڪئي وئي. قانون واري وزير ڪرمنل لا ريفارمز (فوجداري قانون) جي حوالي سان اڳڀرائي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم فوجداري قانونن ۾ سڌارن جي حوالي سان قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو ادا ٿيل سرمائي ۽ شيئر ڪيپيٽل ۾ اضافي جي تجويز به منظور ڪري ورتي، ڪاب??نا فرسٽ وومن بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ??ي انڊپنڊنٽ ڊائريڪٽرز ۽ چيئرمين جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي، ان ۾ نجيب آگره والا فرسٽ وومن بئنڪ جو نئين چيئرمين هوندو، بشريٰ احسان، صبحيه سلطان، اڪبر علي، و??اه?? رسول خان ۽ نغمانه عالمگير هاشمي شامل آهن. ڪارلٽن هوٽل ڪراچي جي زمين کي اپارٽمينٽس جي تعمير لاءِ استعمال آڻڻ، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ جمشيد ڪوارٽرز ڪراچي جي ري جنريشن پلان جي منظوري ??ي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي. ڪاب??نا عامر محي الدين (بي ايس 20 سيڪريٽريٽ گروپ) کي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر پاڪستان هائوسنگ فائونڊيشن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪاب??نا اسلام آباد ڪيپٽيل ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ جا رولز قانون بابت ڪابينا ??ميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيا. جسٽس (ر) ضياءُ پرويز کي ڪميشن آف انڪوائري براءِ گم ٿيل ماڻهن ۾ ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، اها سيٽ 27 ڊسمبر 2020ع تي جسٽس (ر) غوث محمد جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. ڪاب??نا عمر حبيب لوڌي کي مينيجنگ ڊائريڪٽر يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪاب??نا قومي تراني کي جديد طرز تي جي رڪارڊ ڪرڻ (اينالاگ کان ڊولبي ايٽمز ٽيڪنالاجي کان ڊجيٽل ڪرڻ) ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪاب??نا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران پيش ڪيل تجويز کي به منظور ڪيو ته پي ٽي وي اسپورٽس تي سيريز اي چيمپئين شپ 19 -2018ع، پاڪستان بمقابله بنگلاديش 2020ع ڪرڪيٽ ميچز ڏيکارڻ جي ڏس ۾ پي ٽي وي پاران سوني پڪچرز نيٽ ورڪ کي ادا ڪرڻ جوڳي رقم جون ادائيگيون ڪيون وڃن تنهن هوندي به ڪاب??نا پاڪستان انگلينڊ جي ميچز جي حوالي سان پي ٽي وي کي ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا مبشر حسن (انفارميشن گروپ آفيسر) کي مينيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني