لسٻيلا / اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي جي لاءِ هڪ هزار ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان ترقي جي ڊوڙ ۾ ملڪ جي ٻين علائقن کان پٺتي رهجي ويو ان لاءِ صوبي تي وڌيڪ ڌيان آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سون ??يا??ي ساحل تي وڻڪاري مهم ج?? افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ٻوٽو لڳائيندڙ ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??اڪ??تان جا سامونڊي علائقا تمام گهڻا خوبصورت آهن جتي سياحتي جايون ٺاهي سگهجن ٿيون، هيستائين ??اڪ??تان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ سمورو ڌيان جابلو علائقن تي ڏنو ويو، لسٻيلا ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ??اڪ??تان ۾ مسلمان ملڪن جي سياحن کي راغب ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن، ??اڪ??تان الله تعاليٰ پاران تمام وڏو تحفو آهي، بدقسمتي سان اسان ان تحفي جو قدر نه ڪيو، حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته ماڻهن جي زندگي بهتر ڪئي وڃي، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته سامونڊي علائقن ۾ مينگروز جا ٻيلا چنئوڻ تي وڌيڪ صحت جي لاءِ هاڃيڪار ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا. هن چيو ته موسمياتي ماهرن جي تازي رپ??رٽ موجب عالمي ??رم?? پد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، عالمي ??رم?? پد ۾ اضافي سان مختلف ملڪن ۾ باهيون لڳڻ، ٻوڏن سميت قدرتي آفتون درپيش آهن.