اسلام آباد – 21 آ??سٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي پنهنجي آرگنائيزيشن سان معاهدي تي عملدار?? جي لاءِ ميڊيا ٽربيونلز ??ان رجوع ڪرڻ جي حق ۽ فيڪ نيوز تي ڏن?? جي شقن کانسواءِ تجويز ڪيل قانون ۾ هر تبديلي منظور آهي پر غريب ??يڊيا ڪارڪنن کي قانوني دادرسي جو حق ڏيڻ اسان جو فرض آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فيڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا سيٺ جو حق مڃي سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو، غريب ??يڊيا ڪارڪن ۽ پبلڪ انٽرسٽ ٽنهي جو تحفظ نه آهي، بليڪ ميلنگ کي پنهنجو حق قرار ڏيڻ ۽ اشتهار ڏيڻ رڳو پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي.