اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪاليج جي شاگردن جي خلاف پاڪستان جي فتح جو جشن ملهائڻ تي ڪيس داخل ڪ??ڻ مودي حڪومت جي ناروا حرڪت آهي، ان سان آزادي جي اميد وڌي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گورنمينٽ ميڊيڪل ڪ??ليج ۽ شير ڪشمير ميڊيڪل ڪ??ليج جي شاگردن جي خلاف پاڪستان جي فتح جو نشن ملهائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آه??. پ??ڪستان جي فتح ڪشمير جي فتح آهي ته اه?? جشن ڇو نه ملهائين؟ مودي جنتا جي اهڙي ناروا حرڪتن سان آزادي جي اميد وڌي رهي آهي.