اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسلام ۽ نبي ڪريم ??? ج?? نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اسلام ا??ان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لاءِ اڻٽر آهي، نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي ??ان عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو. ??ها ڳالهه هن بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسلام تلوار ??ان پکڙيو، صوفين ا??ان کي اسلام جي عظيم مذهب کان ا??ان کي روشناس ڪرايو. هن چيو ته اسلام ا??ان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، هن چيو ته سياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، ا??ان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اسلام ۽ نبي ڪريم ??? ج?? نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، چوڌري فواد حسين چيو ته ان کان وڏو ظ??م ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ??? ج?? نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ ا??ان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين المذاهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻي?? منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.