اشڪ آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامو فوبيا هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي، اسلامي برادري اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي ??اء?? قدم کڻي، گلوبل وارمنگ هڪ اهم مسئلو آهي، گرمي پد ۾ گهٽتائي جي ??اء?? ترقي يافته ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، افغانستان 40 سال جنگ کي منهن ڏنو آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ تمام ضروري آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي ??اء?? مسلمان امت ??ي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي مي??باني ڪري رهيو آهي، پوري دنيا جي معيشت ڪورونا وبا جي ڪري متاثر ٿي، ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڪري عالمي سطح تي مهانگائي درپيش آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته واپاري ۽ اقتصادي رابطن جو فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، ايڪو جو پليٽ فارم اقتصادي رابطن جي اضافي ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته مختلف ملڪن ۽ عالمي معيشتن جي رابطن جو فروغ ضروري آهي ته جيئن مستقبل ۾ گڏجي اڳتي وڌي سگهجي. هن چيو ته ايڪو جي ميمبر ملڪن ۾ وسيلن جي گهڻائي آهي ۽ اسان جي گڏيل ثقافت، ورثو ۽ مذهب آهي. صدر چيو ته ايڪو جا ميمبر ملڪ واپار، سيڙپڪاري، فنانس، ويليو چينج ۽ سماجي رابطن سميت مختلف شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايڪو ملڪن جو گڏيل واپار انهن جي مجموعي واپار جي 8 سيڪڙو برابر آهي جن??ن ۾ اضافو ضروري آهي. صدر عارف علوي چيو ته ايڪو جي متفقه ويزن 2025ع ۽ اسلام آباد پڌرنامي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن ايڪو ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ ري انشورنس ڪمپني قائم ڪري خودمختياري حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته گڏيل رابطن جي فروغ جي ??اء?? بنيادي ڍانچي جي ترقي ??اء?? قدمن جي ضرورت آهي. صدر چيو ته افغانستان 40 سال جنگ کي منهن ڏنو آهي ۽ جنگبندي کانپوءِ اتي انساني معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، سرديون اچي رهيون آهن، ان ??اء?? بحران ۾ شدت جو خدشو آهي. هن چيو ته مسلمان امت افغانستان جي ترقي، امن ۽ استحڪام جي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پوري خطي جي ??اء?? ضروري آهي. هن چيو ته اسان ??ي گڏجي افغانستان جي معاشي ترقي جي ??اء?? ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي گڏيل رابطن جي فروغ ??اء?? ضروري آهي. صدر چيو ته مسلمان ملڪ پناهگيرن جي مي??باني ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ هن وقت 35 کان 40 لک پناهگيرن جي مي??باني ڪئي پئي وڃي پر تعجب آهي ته انساني حقن جو درس ڏيندڙ ملڪ پناهگيرن کي پنهنجي ملڪن ۾ داخل ئي ٿيڻ نه ٿا ڏين. هن چيو ته اسان کي دنيا کي اهو سبق ڏيڻو پوندو ته اخلاقيات تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته مسلمان امت گڏجي عالمي سوچ ۾ تبديلي جي ??اء?? اڳتي وڌي ته جيئن اسلامو فوبيا جي لهر جو خاتمو ڪري سگهجي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان قومي معيشت بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ غريبن جي اربين رپين جي امداد ڪري معيشت کي بحال رکيو. هن چيو ته دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ناڻي واڌ جا مسئلا درپيش آهن ۽ صارفين کي قيمتن ۾ اضافي کي منهن ڏيڻو پيو آهي جڏهن ته اسان جي حڪومت غريب طبقي جي معاونت جي ??اء?? قدم کڻي رهي آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته غريب ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪن کان ڦريل رقم جي امير ملڪن کي ترسيل روڪي ۽ اسان جا چوري ڪيل اثاثا اسان کي واپس ڪيا وڃن.