لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس ??اهور ۾ ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته ??اڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون فر??هم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??و برطانوي پارلي??مي??ٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پارلي??مي??ٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور ساراهيو آهي. گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پارلي??مي??ٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانوي پارلي??مي??ٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ ساراهيو.