اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، اسلام آباد ۾ منعقد او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪ??ئونسل جي غير معمولي اجلاس کانپوءِ افغان عوام جي حمايت ۾ ٿيندڙ ٻن اهم اڳڀراين جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي جي حمايت ڪئي وئي آهي. هڪ ٻي اڳڀرائي ۾ هن چيو ته آمريڪا امداد جي فراهمي ۾ آساني لاءِ طالبان سان ڪاروبار ڪندڙ آمريڪي ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن کي آمريڪي ??اب??دين کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.