اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ انهن جي سرمائي جي تحفظ ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر ضياءَ الحسن، پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جو صدر ڊاڪٽر فيصل اڪرام ۽ ممتاز مسلم شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي دبئي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن نه رڳو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي چونڊن ۾ ر??ءِ جو حق ڏيڻ جي فراهمي پر رقمن جي منتقلي ل??ءِ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي ل??ءِ قدمن تي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيو.