لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت پائيدار ترقي جي سمت ۾ گامزن آهي، ڪورونا کان بچاءُ جي پاليسي جي سڄي دنيا ۾ واکاڻ ٿي آهي، تحريڪ انصاف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي م??رٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر، مملڪتي وزير فرخ حبيب، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ وڏي وزير جو ترجمان حس??ن خاور به موجود هئا. صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ عورت ميمبر قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن تي م??رٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو آهي، ان کان اڳ ماضي ۾ سياسي پارٽيون مخصوص سيٽن تي من پسند ماڻهن کي آڻينديون رهيون آهن، هن چيو ته حڪومت کي ڏيوالو نڪتل معيشت ورثي ۾ ملي، حڪومت ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻايو آهي ۽ معيشت هاڻي پائيدار ترقي جي طرف گامزن آهي، حڪومت جي ڪورونا کان بچاءُ جي پاليسين جي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ٿي آهي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنجاب ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري عوامي پذيرائي ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جڏهن ته اق??يتي برادري سان تعلق رکندڙ ميمبرن وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي پنجاب ۾ اق??يتن جي حقن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ صوبائي اسيمبلي جي عورت ميمبرن ۾ ياسمين راشد، ??ادقه صاحبداد خان، شمسه علي، نسرين طارق، شوانه بشير، شميم آفتاب، فردوس رانا، شاهده احمد، ??ميرا احمد، ??ائشه اقبال، نيلم حيات ملڪ، مسرت جمشيد، ??عيده سهيل رانا، رشيده خانم، فرحت فاروق، ثانيه ڪامران، طلعت فاطمه نقوي، شاهينه ڪريم، آسيه امجد، ??يمابيه طاهر، مومنه وحيد، ??ائشه نواز، زينب عمير، فرح آغا، سيده فرح عظميٰ، ساجده ب??گم، ساجده نويد، ??بين گل خان، سبرينه جاويد، ??ابده ب?? بي شامل هيون جڏهن ته وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ اق??يتي ميمبرن ۾ هارون عمران گل، اعجاز عالم آگسٽين، مهندر پال سنگهه ۽ يوڊسٽرر چوهاڻ شامل هئا.