اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ وفد پارليامينٽ هائوس پهچڻ شروع ٿي و??ا. ??رڪيءَ جو پريهي وزير ميولوت چاوش اولو اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو ته پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪ هم منصب جي آجيان ۽ ترڪ هم منصب کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ مبا??ڪب??د وارن جملن جي ڏي وٺ ٿي، م??مانن جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي معزز پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪري رهيو آهي. مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير وڏي انگ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچي چڪا آهن. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندو.