اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جو اعلان ڪري 22 ڪروڙ عوام جون دليون کٽي ورتيون آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ٻاه??ين سازش، لنڊن ۾ ويٺل ڀڳوڙا ڪنهن ڪنهن سان ملندا آهن ۽ پاڪستان ۾ موجود ڪردار ڪنهن جي چوڻ تي هلي ??هيا آهن انهن سڀ??ي جي خلاف سڄي قوم عمران خان سان گڏ بيهي رهي آهي.