اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواء?? هزارين جانين کي بچائيندڙ آئل ٽينڪر ڊرائيور فيصل ??ي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ان عمل جي جيتري به پذيرائي ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهبا?? شريف جي هدايت تي اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي بلوچستان ۾ پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي لکين تعداد ۾ زندگيون بچائيندڙ آئل ٽينڪرز ڊرائيور فيصل ??ي ٽيليفون ڪيو ۽ وزيراعظم پاران خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم چيو ته فيصل جي ان جذب?? کي سلام پيش ڪريون ٿا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته آئل ٽينڪر جي ڊرائيور کي اسلام آباد گهرائي انعام سان نوازيو وڃي.