اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف افغان شهرين کي درپيش مسئلن ۽ غير قانوني اميگريشن جي خامين جو نوٽيس وٺندي پ??ڪستان جي رستي ٻاهرين ملڪ ويندڙ افغان شهرين لاءِ نئين ويزا پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هتي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز انيشي ايٽوز جي سربراهه سلمان ص??في چيو ته نئين پاليسي تحت حڪومت پاڪستان پاران افغان شهرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر 30 ڏينهن جو ٽرانزٽ ويزا جاري ڪيو ويندو، اهي ملڪ جتي افغان شهرين کي اميگريشن ملي چڪي آهي هو انهن شهرين لاءِ پاڪستان جو راهداري ويزا حا??ل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏيندا.