فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد مان چ??نڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ ايف ڊي ا?? جي اڳ??ڻي چيئرمين چ??ڌري لطيف نذر چيو آهي ته ڪشمير جي آزاد حيثيت جي خاتمي جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم اڄ جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهائيندي ته ڪشمير جي آزاد حيثيت بحال ۽ ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ تائين پاڪستاني قوم پنهنجي جدوجهد جاري رکندو. قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چ??و ته ڪشمير گڏيل قومن جو سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي پر عالمي ادارن ۽ عالمي قوتن والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي رياستي ڏاڍ ۽ تشدد تي مسلسل خاموشي اختيار ڪري رکي آهي. هن چ??و ته جانورن تي ظلم خلاف منظم تحريڪون هلائيندڙن کي معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم نظر نه ٿا اچن جيڪي ٽن سالن کان دنيا جي سڀ کان وڏ?? جيل نما واديءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چ??و ته پاڪستان جي ٺوس حڪمت عمل?? جي نتيجي ۾ ڪشمير مسئلي کي نئين جدت ملي آهي ۽ مسلسل سفارتڪاري دنيا کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهي ڏني آهي. هن چ??و ته ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان وانگر فيصل آباد جي عوام به اڄ ڀرپور آواز اٿاريندي ته جيئن مرده عالمي ضمير کي سجاڳ ڪيو وڃي. هن سول سوسائ??ي تي زور ڏنو ته اهي جمعي ڏينهن الله تعاليٰ آڏو ٻاڏائي ڪشمير جي مسئل?? جي مستقل حل ۽ ڪشمير جي آزاد?? جي لاءِ دعائون به ڪن.