دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف قطر جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفا الثاني ۽ والده موزه بنت نصر سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪردار کي ساراهيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم پنهنجو ۽ پنهنجي وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا، ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ حمايت جي مضبوط بنياد تي قائم قطر سان پراڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي پاڪستان پاران ڏيندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. 1999ع ۽ 2017ع ۾ قطر جي امير جي والد جي پاڪستان جي دورن جو ذڪر ڪندي و??ير??عظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان جي دور ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ استحڪام جو اعتراف ڪيو. قطر جي امير جي والده شيخه موزه بنت نصر جي سرپرستي ۾ ”تعليم سڀ کان وڌ??ڪ“ پروگرام جو ذڪر ڪندي و??ير??عظم انساني همدرديءَ ۽ خيراتي سرگرمين جي لاءِ ان جي ڪوششن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خاص طور تي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا لاءِ خدمتن کي ساراهيو. و??ير??عظم قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر ۾ رهندڙ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا. و??ير??عظم قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي سان قطر سان وڌيڪ تعاون جي خاطري ڪرائي. و??ير??عظم فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميزباني تي قطر جي لاءِ خيرسگالي جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.