نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت ۽ عالمي اڳواڻن سان ٻطرفين ملاقاتن جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانو ٿي ويو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي مصروفيتن ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ڊيوڊ مالپس ملاقاتون شامل آهن. ??زي??اعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي پڻ صدارت ڪندو. ??زي??اعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ??زي??اعظم مصر پاران سي او پي 27 جي حوالي سان منعقد سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ??زي??اعظم فن لينڊ جي صدر صعولي ننستو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو ??زي??اعظم آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.