اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي فٽبال گرائونڊ ۾ بدنظمي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ اٽڪل 125 ماڻهو فوت ۽ 323 زخ??ي ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته هو ان سانحي تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ سوڳوار خاندانن، حڪومت ۽ انڊونيشيا جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انڊونيشيا جي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن الله تعاليٰ کان ف??ت ٿيندڙن جي پونئيرن کي صبر جميل عطا ڪرڻ ۽ زخمين جي ج??د ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي.