اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽريٽ??ڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪيه جي دوري تي روانگي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جي لاءِ ٽ??ين ملجم ڪارويٽ جها?? جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لاڳاپن جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سط?? جا رابطا اسان جي حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ترڪ عوام جي گرمجوشي جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين آهي جيئن اسان پنهنجي گهر ۾ هُجُون. وزيراعظم چيو ته صدر اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه سان پاڪستان سان لاڳاپا اسٽريٽ??ڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواه??من?? آهيون.