منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف منگلا بجلي گه?? جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منگلا بجيل گه?? جي ريفربشمنٽ جي منصوبي تحت سمورن يونٽ ۾ 50 سال پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ريفربشمنٽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منگلا بجلي گه?? جي صلاحيت 1000 ميگاواٽ مان وڌي 1310 ميگاواٽ ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سالانو 5.6 بلين يونٽ صاف، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. منصوبي جي پهرين مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ريفربشمنٽ تي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم يونٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. مجموعي طور تي 483 ملين ??ال?? جي لاڳت سان جاري ان منصوبي ۾ يو ايس ايڊ پاران 150 ملين ??ال?? جي گرانٽ، 90 ملين يورو جو اي ايف ڊي لون ۽ واپڊا پاران 178 ملين ??الر فراهم ڪي?? پيا وڃن. ان موقعي تي خاص معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ??ردار تنوير الياس، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.