اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ??هي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بلوچستان جي اتر اولهه علائقن ۾ اولهندي سرد هوائن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪري 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقي ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران جاري تفصيل موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ 27 کان 29 ڊسمبر دوران بلوچستان جا اڪثر علائقا خاص طور تي ڪوئيٽا، زوب، بارکان، زيارت، نوڪنڊي، دالبندين، هراني، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، ??وادر، جيواني، تربت، پنجگور، قلات، خضدار، سبي، ??صي??آباد ۽ لسٻيلا ۾ برسات سان گڏ پهاڙن تي برفباري متوقع ??هي. وڌيڪ اهو ته 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات جو ڪشمير، گلگت ۾ پڻ هلڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان ??هي. بلتستان، ??ترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، مردان، پشاور، چارسده، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ??وهاٽ، سرگوڌا، اسلام آباد، مري، گليات ۽ پوٺوهار ريجن ۾ هلڪي برسات جو امڪان ??هي. انهي دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڊيره غازي خان، راجن پور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، شيخوپوره، فيصل آباد، ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ بکر ۾ برساتن جو امڪان ??هي.