اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب هِن سال آمريڪا، برطانيا، ??رانس، جرمني، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، ??يدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن سميت 58 ملڪن جي حاجين لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي سهولت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب هن سال حج لاءِ اٽڪل 58 ملڪن جي حاجين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اي پليٽ فارم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سعودي حج ۽ عمره واري وزارت ايندڙ حج جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ سعود?? حڪومت پاران شروعاتي ڪوششن جي هڪ حصي طور يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا جي حاجي سڳورن جي لاءِ hajj.nusuk.sa پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سعودي حج واري وزارت چيو آهي ته نئين سروس انهن ملڪن جي حاجين کي درخواست ڏيڻ، ريزرويشن ڪرڻ ۽ اي پيمنٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ حج بابت خدمتن ج??ڙو?? رهائش، کاڌي، اڏامن، رهنمائي ۽ چرپر جي پئڪيجز چونڊ ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي، پليٽ فارم تحت ايندڙ ملڪن ۾ فرانس، جرمني، آمريڪا، برطانيا، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، ??يدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن، يونان، جارجيا، سوئٽزرلينڊ، قبرص، ڊينمارڪ، وينزويلا، ??وڪرين، ناروي، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، فن لينڊ، ڪولمبيا، آئرلينڊ، رومانيه، ڪروشيا، ??يوزيلينڊ، سربيا، ??رتگال، پولينڊ، هنگري، پاناما، ??يڪسيڪو، چلي، پيرو، ڪيوبا، گوئٽي مالا، ??وراگوئي ۽ نگاراگوا شامل آهن. پورٽل ۾ 7 زبانن جي سهولت ڏني وئي آهي، جتان خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان اڳ اميدوار پروفائيل جوڙيندا جنهن ۾ پنهنجي باري ۾ سموري گهربل معلومات لکندا، ان کانپوءِ حج ڪرڻ جا اميدوار گهربل سهولتون دريافت ڪري بڪنگ ڪرائي سگهندا، جنهن جي لاءِ انهن کي گهربل دستاويز ۽ ڪاغذ لڳائڻا پوندا جڏهن ته پئڪيج جي رقم، ويزا ۽ ماسٽر ڪارڊ، بئنڪ ٽرانسفر ۽ حاجين جي ملڪن ۾ موجود سروسز سينٽر جي ذريعي سداد سسٽم تي روڪ به جمع ڪرائي سگهبي. سعودي عرب ج?? حڪومت پاران اچڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪيل شروعاتي ڪوششن جي حصي طور هلندڙ سال 2023ع جي حج جا مناسڪ ادا ڪندڙ حاجين جي وڏي انگ جي مذهبي ۽ ثقافتي تجربي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ فراهم ٿيندڙ خدمتن جو معيار پڻ بلند هوندو، جڏهن ته مُلڪ جي ويزن 2030ع پروگرامن جا مقصد پڻ حاصل ٿيندا.