اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل قابض فوج جي ظالماڻي ڪارروائي جي ??ذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ??اءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي ??اءِ ضروري قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي ??تيجي ۾ هڪ نوجوان سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شه??د ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن. اهڙي طرح جون ظالماڻيون ڪارروايون عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي ??اڳاپيل قراردادن جي ??اضح خلاف ورزي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظها?? ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي ??ڪمل ۽ جلد صحتيابي جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظها?? ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسرائيل پاران طاقت جو اهڙي طرح جو استعمال ڇڪتاڻ واري صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ??اءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي طرح جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي ??اءِ ضروري ڪارروائي ڪري. اسان فلسطيني عوام سان پنهنجي ??ڪمل حمايت کي ورجايون ٿا ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي.