اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ??رڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي، هن آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي سينيٽ ۾ اڪثريتي اڳواڻ سينيٽر چڪ شومر جي قيادت ۾ ڊيموڪريٽڪ پا??ٽي سان تعلق رکندڙ آمريڪي سينيٽ جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر ماريا ڪينٽ ويل، ايمي ڪلوبوچر، گيري پيٽرز، ڪيٿرين ڪورٽيز ۽ پيٽر ويلچ شامل هئ??. و??د جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻي تعاون جي اهميت ۽ ان حصيداري کي مضبوط ۽ گهڻ رخو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پا??لياماني مٽاسٽا سياسي سطح تي هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيا، اهو سفارتي سنگ ميل پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ??رڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي آمريڪا جا ٿو??ا مڃيا. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ۽ اهميت جي ڪيترن ئي معام??ن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. سينيٽر شومر وفد پا??ان وزيراعظم جا ٿو??ا مڃيندي وسيع تر تعاون جي ذريعي مختلف رخن ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ??رڻ جي خواهش کي ورجايو.