اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ مسلما??ن جي خلاف پرتشدد واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي 8 رياستن ۾ رام نومي جي موقعي تي مسلم مخالف تشدد جا واقعا ٿيا ڇو ته انتهاپسند تنظيمن تهوار ملهائ?? جي لاءِ عوامي ريليون ڪڍيون، ڪيترين ئي مسجدن ۽ مسلما??ن جي ملڪيتي عمارتن تي حملا ڪيا ويا، بيهار رياست جي ضلعي نالنده ۾ هڪ مدرسي کي ساڙيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ قرآن پاڪ سميت اٽڪل 4500 ڪتاب سڙي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت ۾ مسلما??ن جي خلاف اسلامو فوبڪ ۽ نفرت انگيز ڪاررواين ۾ خوفناڪ اضافو اڪثريتي هندوتوا جي ايجنڊا جي پيروي ۽ ڀارتي سياست ۾ اسلام ۽ مسلم مخالف مهم جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان او آءِ سي جي ان بيان جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ ڀارت ۾ وڌندڙ مسلم مخالف واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ڀارت تي زور ڏنو ويو آهي ته هو مسلما??ن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت کي هوا ڏيندڙ انتهاپسندن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ترجمان چيو ته ڀارتي حڪومت کي ملڪ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر کي روڪڻ، مسلمانن کي پنهنجي عقيدي تي عمل ڪر?? جي لاءِ تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي طرح جي نفرت انگيز ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪر?? جي لاءِ قابل عمل قدم کڻڻ گهرجن. ترجمان انهن ڪشميري اڳواڻن ۽ انساني حقن جي ڪارڪ??ن جي تحفظ تي پنهنجي گهري خدشن کي ورجايو جيڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ميري لالر جي والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت بيان جي آجيان ??ئي جنهن جي توثيق پرامن ميڙ جي آزادي ۽ انجمن بابت خصوصي رپوتازڪيلمنٽ نائيلٽسي ويليو ??ئي آهي. ان بيان ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سول سوسائٽي تي مسلسل ڏاڍ جي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه جي وضاحت ??ئي آهي ته ڪهڙي طرح والاريل علائقي ۾ غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ جو اطلاق سول سوسائٽي، ??يڊيا ۽ انساني حقن جي محافظن کي بدنام ڪرڻ ۽ خاموش ڪرائ?? جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪ??ن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ختم ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان بيان جي تائيد ڪندي چيو ته انساني حقن جي ذميوارين جي خلاف ورزين تي ڀارت کي جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ اظهار راءِ ۽ ميڙ جي آزادي کي سلب ڪر?? جي پاليسي ختم ڪري.