اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگارن کي في ايڪڙ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ا?? جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگار?? جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت ۽ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي ??زي??ن طارق بشير چيما، مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خرم دستگير خان، مملڪتي ??زي?? ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت جي انگن اکرن سان گڏوگڏ يوريا ??نع?? کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ??زي??اعظم چيو ته گذريل هڪ سال ۾ حڪومت آبادگار?? جي خوشحالي ۽ زراعت جي شعبي جي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائي آهي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ په?? جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته يوريا جي پيداوار ۽ ا?? جي کپت کي نظر ۾ رکندي ??نع??ن کي گئس جي فراهمي ۽ بفر اسٽاڪس جي هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ا?? جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگار?? جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اجلاس کي گرمي جي موسم ۾ بجلي جي پيداوار ۽ متوقع طلب جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي نيلم جهلم منصوبي جي بحالي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪري هلندڙ سال جولاءِ ۾ ان کان گهٽ لاڳت بجلي جي پيداوار ٻيهر شروع ڪئي ويندي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ رکي وڃي.