اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪري يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻ??ڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي صدر ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ عوام پاران همدرديءَ جو پي??ام پهچايو. صدر رجب طيب اردوان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم تعزيت ۽ همدرديءَ جي جذبن تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ترڪ صدر ?? ترڪ ع??ام جي جذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.