اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ چيني ڪمپني جي پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي آجيان ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز ۽ چائيويانگ لانگ مارچ ٽائرز جي وفد چيئرمين لي چنگوين جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. خصوصي صلاحڪار طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم وفد جي پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ ناليواري پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي ذريعي سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري سان قائم پلانٽ سان پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائر عالمي منڊين ۾ وڪرو ٿي رهيا آه??. ڪمپني جي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائرن هڪ سال جي گهٽ وقت ۾ عالمي منڊين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي آه??. ڪمپني پاڪستان ۾ ٽائرن جي پيداوار کي وڌائي سالياني روانگي واپار کي 200 ملين ڊالر تائين کڻي ويندي. وزيراع??م لاڳاپيل عملدارن کي چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت جي بهتري لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي ٽائرن جي اسمگلنگ کي روڪڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽائر ۽ اسپيئر پارٽس جي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ جامع پاليسي جلد پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آه??، چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ ڀائرن وانگر مدد ڪئي. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪندو.