اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آ??ي ته اهو قابل رشڪ ۽ فخر جوڳي محسن علي جي ڪامي??بي جي ڪهاڻي ئي نه پر تعليم جي ذريعي نوجوانن جي زندگي ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي ولولي انگيز ويزن ۽ سوچ جي ڪامي??بي جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي ڳوٺ ميان رحيما جي ان قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي پاڪست??ن جي نوجوانن کي ڪامي??بي جو راز سمجهايو. پنجاب جي وڏي وزير طور ??هباز شريف محسن علي جهڙي سوين ذهين پر غريب نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي سرپرستي ڪئي، تعليمي وظيفا، ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏيئي انهن جي حوصلا افزائي ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اڄ قائد محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي يوٿ پروگرام جي ڪامي??بي جا روشن ستارا بڻجي چڪا آهن ۽ ان ويزن جي ڪامي??بي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ محسن علي انهي ميو ڪاليج لاهور ۾ ليڪچرار آهي جنهن جي ويجهو موجود تندور ۾ هو مانيون لڳائي پنهنجي خاند??ن جي لاءِ حلال رزق ڪمائي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ محسن علي کي ڪروڙين پاڪستانين جي آڏو ڇاتي سان لڳائي شاباس ڏني. هڪ شاباس نواز شريف ۽ شهباز شريف کي به ملڻ گهرجي جن جي ويزن محسن علي ۽ ??ن جهڙن سوين غريبن کي ڪامي??بي جي ان منزل تائين پهچڻ ۽ پنهنجا خواب سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ عملي مدد ڪئي، اهو هوندو آ??ي وي??ن، اها هوندي آهي عوام جي چونڊيل قيادت.