اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي عورت جبل چاڙهو نائله ڪياني کي جبل چاڙهو جي ميدان ?? نئين تاريخ قائم ڪرڻ تي مبا??ڪب??د ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قوم کي نائله ڪياني تي فخر آهي جنهن پاڪستان ۾ موجود سمورن 5 ايٽ ٿائوزنڊرز (8 هزار ميٽر کان بلند چوٽيون) سر ڪري ورتيون آهن، هوءَ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي. صدر نائله ڪياني کي سندس ڪاميابي تي شاباس ڏني ۽ ان جي مستق??ل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.