اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره اسماعيل خان پهتو جتي هن مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد مح??ود، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق کانسواءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏن ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، انهن ۾ يار?? کان پهاڙپور روڊ، بنون چو?? کان موٽروي روڊ، ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس، يار?? کان ٽانڪ سميت مختلف رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.