اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته يونان ٻيڙيءَ س??نح?? ۾ فوت ٿيندڙ 15 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پهچي ويا آهن جيڪي گجرات?? گوجرانوالا، منڊي بهاءُ الدين، راولپنڊي، شيخوپوره، وهاڙي ۽ ميرپور آزاد ڪشمير جي ضلعن ۾ انهن جي گهرڀاتين جي حوالي ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته يونان ۾ پاڪستان جي مشن ميتن جي ڳولا ۽ انهن کي پاڪستان پهچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته يوناني عملدارن اهو به ٻڌايو ته ??نهن ملندڙ مڙهن جي ڊي اين اي ميچنگ جو عمل مڪمل ڪري ورتو ??هي. هن چيو ته ??ن واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ڪنهن ٻئي پاڪستاني جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي ??هي.