اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان بر??انيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقاف?? جي شعبن ۾ پنهنجي لا??اپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه پاڪستان ۾ بر??انيا ۽ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنرز ۽ جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جن پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ بر??انيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان بر??انيا سان پنهنجي پراڻي لا??اپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي رابطن ۽ عوامي پائيدار رابطن تي ٻڌل آهن. هن چ??و ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لا??اپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن بر??انيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري کي پڻ ساراهيو. صدر ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻئي حڪومتون وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارا لا??اپا قائم ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن جي روڪٿام ۽ حوصلا شڪ??ي جي ضرورت آهي. جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لا??اپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا شامل آهن. هن چ??و ته پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ کليل آهي ۽ پنهنجي معيش?? جي سمورن شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان انتهائي پرڪشش ڪوهه پيمائي ۽ ٻڌمت جون مذهبي جايون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هو ڪوريائي سياحن کي انهن جاين جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. پاڪستان ۾ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنر يونس عبدالڪريم سان ڳالهائيندي صدر ملاوي سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لا??اپن جي لاءِ پاڪستان کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل مفادن، قدرن ۽ هدفن تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لا??اپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.