اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حمزه خان ??سٽ??يليا ۾ ڏهاڪن کانپ??ءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽ?? يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان جي باصلاحيت نوجوان حمزه خان سان ملاقات ٿي جنهن تازو ئي ??سٽ??يليا ۾ ڏهاڪن کانپ??ءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، ??اڪستان ۾ راندين جي ناڪافي سهولتن جي باوجود نوجوان رانديگرن جي اهڙي بهترين ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. مون پاڪستان حڪومت پاران حمزه کي هڪ ڪروڙ رپين جي ننڍڙي رقم انعام طور ڏني آهي ۽ ان کان واعدو ورتو آهي ته هو تمام جلد پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اهڙي طرح سينيئر عالمي چيمپيئن شپ کٽي پاڪستان جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر روشن ڪندو. مون تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽ?? يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن، مون کي پوري اميد آهي ته انهن قدمن کانپ??ءِ حمزه خان وانگر هزارين نوجوان عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.