اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم شهداءِ پوليس جي ڏهاڙي جي مو??عي تي ملڪ جي فرض شناس فرزندن کي خراج عقيدت پيش ??ري ٿي، جن شهرين جي ج??ن ۽ مال جي تحفظ لاءِ شهادت ماڻي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي جنگ جتي پاڪ فوج جون لازوال قربانيون آهن، اتي پوليس جي جوانن پڻ هر مو??عي تي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ جي انهن سمورن پٽن، ڌيئرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي پنهنجي ملڪ جي خدمت تي سلام پيش ??ريون ٿا.