لاهور – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملازمن تي زور ڏنو آ??ي ته خدمتن جي فراهمي کي بهتر ۽ ملڪ ۾ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم سان ڪم ڪن، هن باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ وقت ۽ تيز فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور پڻ زور ڏنو. نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس (ايس ا??م سي) ۽ 33 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس (اين ا??م سي) جي ڪامياب گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام هڪ ڪميونٽي تي ٻڌل مذهب آهي ?? ان غريبن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن سان انتهائي همدرديءَ ڏيکارڻ تي زور ڏنو آ??ي. صد?? چيو ته هڪ سرڪاري ملازم کي عوام سان رابطو رکڻ گهرجي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ انهن تائين دستياب رهڻ گهرجي، ان اصول تي اسلام جي عظيم خلفاءِ عمل ڪيو آ??ي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته سماج جي ڀلائي سرڪاري ملازم جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. صدر سرڪاري ملازمن تي زور ڏنو ته اهي اڳوڻن عظ??م سرڪاري ملازمن جي نقش قدم تي هلن ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ منافقت ۽ ڪرپشن جي خلاف مزاحمت جو ذريعو بڻجن. صد?? چيو ته قومي ترقي جي لاءِ جديد علم سان هم آهنگ رهڻ به ضروري آهي ?? بيوروڪريسي کي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اين ايس پي پي ۽ اين ڊي يو جهڙن تربيتي ادارن جي ڪردار تي روشني وجهندي صد?? چيو ته اهي ادارا سرڪاري ملازمن جي بهتر تربيت ڪري سگهن ٿا ۽ انتظامي ۽ گورننس جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن کي لاڳاپيل مهارتن سان ليس ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايس ا??م سي ۽ اين ا??م سي جي ڪامياب گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.