اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پ??را?? چونڊن جي تاريخ جو اعلان خوش آئنده ??هي?? افواهون پکيڙيندڙن جي لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينهن ??هي?? ا??ان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون منعقد ٿي رهيون آهن. نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آئين تحت هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته چونڊن جي حوالي ??ان اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تائين سمورو ڪم مڪمل ڪري وٺندي جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ٿينديون، جيڪا هڪ وڏي خبر آهي. هن چيو ته ا??ان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون ٿينديون. چونڊون منعقد ٿيڻ ??ان ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ۾ اضافو ٿيندو.