اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي جوڙجڪ ۽ واپار جي لاءِ ٺوس پاليسي فريم ورڪ جوڙڻ جي لاءِ موسمي??تي تبديل?? ڪائونسل جي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ چيو آهي ته موسمي??تي تبديلي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، موسمي??تي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارو فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي، ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو و??ند??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پاڪستان موسمي??تي تبديل?? ڪائونسل جو ٻيو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن احمد عرفان اسلم، شمشاد اختر، جليل عباس جيلاني، عمر سيف، ڪوثر عبدالملڪ، سميع سعيد، محمد علي، گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان، چئني صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سول سوسائٽي، اين جي اوز، موسمي??تي تبديلي جي عالمي ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪائونسل کي هلندڙ مهيني گڏيل عرب امارات ۾ منعقد ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) ۾ پاڪستان جي شموليت، ايجنڊا ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ گذريل اجلاسن ۾ مقرر ڪيل پاڪستان جي هدفن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي وئي. اجلاس کي تجويز ڏني وئي ته پاڪستان ۾ موسمي??تي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو ان حوالي سان ڪيس مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ سيل قائم ڪيو وڃي. وڌيڪ تجويز ڏني وئي ته سڄي ملڪ ۾ موسمي??تي تبديلي جي حوالي سان قدمن کي منظم ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي ٺاهي وڃي. نگران وزيراعظم ٻنهي تجويزن سان اتفاق ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڪوپ – 28 ۾ موسمي??تي تبديلي جي حوالي سان خطرن ۽ ان کان بچاءُ جي حڪومتي قدمن تي رپورٽ پڻ پيش ڪندو. اجلاس ک?? ڪانفرنس جي لاءِ پاڪستان پويلين قائم ڪرڻ ۽ ??تي منعقد ٿيندڙ سرگرمين تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي پاڪستان ج?? ڪاربن مارڪيٽس ۾ واپار جي لاءِ پاليسي گائيڊ لائينز تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمورن لاڳاپيل حڪومتي ۽ نجي ادارن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي مشاورت سان هڪ ٺوس پاليسي فريم ورڪ ٺاهيو پيو وڃي جنهن تي جلد عملدرآمد شروع ڪيو و??ند??، ان تحت پاڪستان ۾ ڪاربن مارڪيٽس ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار کي آسان ۽ ملڪ جي لاءِ ڪارائتو بڻائڻ جي لاءِ ان شعبي جي ماهرن جي نگراني ۾ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? نگران وزيراعظم چيو ته موسمي??تي تبديلي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمي??تي تبديلي وڌڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ پاڪستان سرفهرست آهي. هن چيو ته گذري?? سال موسمي??تي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان ۽ ٻيا موسمي??تي تبديلي کان متاثر اسرندڙ ملڪ انهن خطرن جو شڪار رڳو ترقي يافته ملڪن جي ڪري آهن، عالمي سطح تي اسرندڙ ملڪن کي موسمي??تي تبديلي کان خطرن کان بچاءُ جي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسمي??تي تبديلي واري وزارت ۽ موسمي??تي تبديلي جي حوالي سان آواز اٿاريندڙ پاڪستان جا سرگرم ماحولي??تي ڪارڪن ان شعبي ۾ قدمن تي ساراهه جي لائق آهن. هن چيو ته صوبن جو موسمي??تي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان بچاءُ جي لاءِ وفاق سان تعاون ۽ انهن جا پنهنجا قدم به ساراهه جوڳا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته هلندڙ مهيني گڏيل عرب امارات ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان ڀرپور طريقي سان پنهنجو موقف پيش ڪندو، موسمي??تي تبديلي واري وزارت سمورين صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ موسمي??تي تبديلي جي ماهرن جو وفد ڪوپ – 28 ۾ شرڪت جي لاءِ موڪليو. هن چيو ته موسمي??تي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا فريم ورڪ تيار ڪيا وڃن، فريم ورڪ جي تياري ۾ اسڪالرز ۽ موسمي??تي تبديلي جي ماهرن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي موسمي??تي تبديلي کان متاثر ملڪن جي ڪيس کي ڀرپور طريقي سان عالمي دنيا آڏو رکندو. نگران وزيراعظم موسمي??تي تبديلي واري وزارت تحت پاڪستان موسمي??تي تبديل?? ڪائونسل مان ماهرن جي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي پاڪستان ۾ ڪاربن ڪريڊٽس مارڪيٽ جي جوڙجڪ ۽ واپار جي لاءِ هڪ ٺوس پاليسي فريم ورڪ ٺاهڻ ۽ ان کي وڌيڪ بهتر ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي. نگران وزيراعظم موسمي??تي تبديلي واري وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي قدمن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ڄاڻايل قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.